نبي سروڊ لڳ قتل ٿيل نوجوان لالو ڪڇي جي قتل واري ھنڌ پھتا آھيون جتي لالو ڪڇي کي قتل ڪيو ويو شروعاتي پوليس رپورٽ ۾ قتل جي واقعي کي روڊ حادثو بڻايو ويو ھو جنهن ۾ ڪجهه ماڻهن کان بيان وٺي قتل ڪيس کي لوڙھڻ جي مڪمل ڪوشش ڪئي وئي جنهن ھنڌ اھو واقعو پيش آيو آھي اتي ٽٽل روڊ آھي جيڪڏهن ماڻهو اھڙي رستي تي موٽرسائيڪل تان ڪري ٿو ته کيس پيرن ھٿن يا جسم جي ٻين حصن تي به ڌڪ لڳڻ گھرجن ڳڏوڳڏ موٽرسائيڪل جو به نقصان ٿيڻ گھرجي پر ھن ڪيس ۾ اھڙو ڪجهه ڪونھي صرف ھڪ ڌڪ مٿي جي پوئين پاسي کان لڳل آھي ٻي ڳالهه ته جنهن حادثي وقت لالو ڪڇي جي تصوير جيڪا سوشل ميڊيا تي رکي وئي ان ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته لالو ڪڇي مٽي سان ڀريل آھي سندس منھن ۽ ڪپڙن تي ڪافي مٽي لڳل آھي پر روڊ تي مٽي ڪونھي ۽ حادثي بابت جن ماڻهن بيان ڏنا آھن انھن موجب لالو ڪڇي روڊ تي ڪريل ھو ته پوء لالو ڪڇي جي ڪپڙن ۽ منھن تي لڳل مٽي ڪٿان آئي اھڙا ڪافي سوال آھن جيڪي ان واقعي بابت ڪجهه ماڻهن جي بيانن کي مشڪوڪ بڻائي رھيا آھن جاچ صاف شفاف ٿيڻ گھرجي قاتلن کي ڪنهن به ريت بخش نه ڪنداسين
0 Comments
Post a Comment