ٿ ”اسڪرپٽيڊ“ هوندي آهي، ان جو کٽيو مخصوص مافياز،ر ۾ هر اها سرگرمي هروڀرو ”صحتمند“ قرار ڏني ويندي رهي آهي جيڪا ريسٽورينٽس ۽ گيسٽ هائوسز جهڙي منافعي بخش ڪاروبار سان سلهاڙيل ”سنگت“ کائيندي آهي، ان جو ڏوريون سماجيات کان وڌيڪ سياسيات سان جڙيل هونديون آهن۔ ”جيپ ريس“ اميرن لاء شوق جو ۽ غريبن لاء اکين ۾ ڌوڙ پوڻ جو ۽ مخصوص مافياز جي لاء ڪمائڻ جو سنهري موقعو هوندو آهي!!! مهانگائي،بيروزگاري ۽ خودڪشين واري ماحول ۾ جتي مسڪين ماڻهن لاء اٽو به اڻ لڀ بنجندو پيو وڃي اتي مافياز پاران اهڙي ماحول ۾ ان قسم جي اميراڻي سرگرمين تي ”صحتمندي“ واري ٺپي بازي، ريسٽورينٽس ۽ گيسٽ هائوسز واري ڪاروبار ۾ وسعت خاطر سياحت جي فروغ لاء هٿوراڙيون ماروئڙن سان عين ”عشق“ ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟! خبرناهي ڇو ۽ ڪيئن وساريو ويو آهي ته ماضي ۾ هنن ڏينهن ۾ معصوم ٻارڙن جي موت جا واقعا به رپورٽ ٿيندا هئا!!! ٿورو وقت اڳ هرڻين جي
ڪوس تي مٺي ۾ انوکو ماتم به ٿيو هو بعد ۾ جڏهن سياسي مجبورين تحت ”چيلھ بند ۽ مٺي“ جي اشتراڪ سان معصوم هرڻين جي قاتل مارين پاران 32 لک قومي خزاني ۾ ڊپازٽ ٿيڻ عيوض قومي معشيت کي سهارو ۽ مارين کي آجپي جو پروانو مليو هو ته مٺي جي ”مفاهمي سنگت“ مان ڀلجي به ٻڙڪ ٻاهر نه نڪتي هئي!!! هي ڪا انگريز دور جي ڳالھ ناهي جيڪا فقط وڏڙن کي ياد هجي هي ڪالهوڪي ڳالھ آهي مگر ڇاڪاڻ ته ”اسڪرپٽ رائيٽر“ ”ڪروٽ“ بدلائي ته سڀ ڪجھ ”صحتمند“ نظر اچڻ لڳو آهي ريسٽورينٽس ۽
گيسٽ هائوسز آباد آهن ته ڪنهن کي غريب جو ڏک آخر ڇوته بي چين ڪندو؟!!! پنهنجو جهان ٺيڪ هلي پيو ته ”جيپ ريس“ ٿئي يا ”بک ريس“ ٿر جي ”ڇلڪندڙ شعور“ ڪو دائمي ٺيڪو ٿوري کنيو آهي!!! ”سيزن ۽ موقعي“ مان ڪجھ ڪمائڻو به آهي ته لطف اندوز به ٿيڻو آهي!!! رهيو مسڪين اهو ”جيپ ريس“ دوران اکين ۾ پيل دز اگهي روئي يا کڻي اٽو نه ملڻ سبب ڦاهو کائي، ڀلين هرڻين جا پيٽ چيري ٻچا ”ريس روٽ“ تي اڇلايا وڃن ”مافياز“ کي ان سان ڪهڙو سروڪار؟ اڄ جهرڪيون اڏاڻيون آهن سڀاڻي جهرڪا به اڏامي ويندا بس ڀرم اهو رهي ته ”ڇاڇروٽي“ هن قسم جي صحتمند سرگرمين کي ڇاڇرو ۽ ڏاهلي ڏانهن شفٽ نه ڪرائي ويهن!!! ورنه ماروئڙن سان جڙيل مفاهمتي عشق واڳون وارا ڳوڙها وهائي رانڀاٽ ڪندي به نظر ايندو ۽ پوء سڀ صحتمند سرگرميون غيرصحتمند ٿيندي وير نه لڳندي ۔ ۔ ۔ ۔



0 Comments
Post a Comment