جسٽس ناصر اسلم زاهد جي سربراهي ۾ ڪم ڪندڙ ليگل ايڊ سوسائٽي طرفان ائڊووڪيٽ #هوش_محمد_منگي ۽ ائڊووڪيٽ #رمشا_يوسف ڊپٽي ڳوٺ پهچي ڌيا ڀيل جي پٽ سومر چند سان ملاقات ڪئي ۽ کائنس وڪالت نامي تي صحيح ورتي ،














# ان حوالي سان ائڊووڪيٽ #هوش_محمد_منگي ڳالهائيندي چيو ته ليگل ايڊ سوسائٽي ڌيا ڀيل قتل ڪيس ۾ سندس پٽ سومر چند طرفان مقدمي ۾ ڌر بڻجندي جنهن لاء اسان سومر چند جو وڪالت نامو نوابشاھ جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آھي جنهن جي ايندڙ ٻڌڻي 4 جنوري تي ٿيندي.