بيرحمي سان قتل ڪيل #ڌيا_ڀيل جي قاتلن جي گرفتاري لاء گذريل هڪ هفتي کان جهڙي طرح ايس ايس پي سانگهڙ #بشير_احمد_بروهي ، ايس ايڇ او #غلام_شبير_دلواڻي ۽ ايس ايڇ او سنجهورو #محمد_جمن_کوسو ڏينهن رات بنا ساهي جي محنت ۽ ڪم ڪري رهيا آھن اهو تمام گهڻو ساراھ جوڳو آھي ،
# پوليس لاء سڀ کان وڏو مسئلو #ڌيا_ڀيل جي خاندان وارن جي سرد مهري ۽ عدم تعاون آھي جنهن سبب قاتلن جي نشاندهي ۾ ڏکيائي پئي ٿئي ، خاندان وارن جو هڪڙو ئي رٽيل جملو ۽ بيان آھي ته *سڀ ڪجھ ٺيڪ هو * ان کان علاوه ڪابه ڳالھ پوليس سان شيئر ڪرڻ لاء تيار ناهن ،
# تنهن هوندي به پوليس مسلسل سرزمين تي ڏينهن رات موجود رهي سموري واردات جي هر پهلوء تي جانچ ڪئي آھي ته جيئن قاتلن تائين جلد کان جلد رسائي ٿئي ،
# ڌيا ڀيل قتل ڪيس جيڪو عالمي ميڊيا جي زينت بڻجڻ کان وٺي ڀارتي منفي پروپئگنڊه ۽ سفارتي چينلز ذريعي پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جهڙي مڪروه سازش ۾ شامل رهيو ان جو سڌو سنئون پريشر ۽ زور سانگهڙ جي ايس ايس پي ۽ سنجهورو پوليس تي رهيو ته جيئن جلد کان جلد قاتلن کي گرفتار ڪري عالمي سطح تي اڀريل هائيپ کي ٿڌو ڪري سگهجي ،
# پوليس طرفان ڏھ لک انعام سميت مقامي ۽ رواجي طريقن کان وٺي آء ٽي ۽ ٽيڪنيڪل ٽيم ذريعي جيئو فينسنگ ۽ ڊي اين اي ٽيسٽ کان وٺي موجود جديد طريقن کي فالو ڪيو ويو آھي ۽ اميد آھي ته انهن رپورٽن جي بنياد تي پوليس ڌيا ڀيل جي قاتلن کي گرفتار ڪري وٺندي ........


0 Comments
Post a Comment