ايس ايس پي سانگهڙ بشير احمد بروهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته اسان جلد ڌيا ڀيل جا قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا سين ، هن چيو ته پهرئين ڏينهن کان وٺي اسان جي جانچ هلي ٿي پئي ۽ اسان هن ڪيس کي هر اينگل کان ڏسون پيا ،
# هاڻ ٻئي مرحلي ۾ اسانکي جنهن تي به شڪ آھي انهن جا ڊي اين اي وٺڻ شروع ڪيا آھن ۽ انهن کي ليبارٽري چيڪ ڪرڻ لاء موڪليو ويندو ته جيئن خبر پوي ته ڪنهن جو ڊي اين اي ميچ ٿئي ٿو ته مونکي اميد آھي ته ان مان ڪيس ۾ ڪافي اڳڀرائي ٿي ويندي ،
# ان کان علاوه به اسان جي آئي ٽي جي ٽيڪنيڪل ٽيم جيئو فينسنگ ۽ جيڪي شڪي آھن انهن جي حرڪت ۽ چرپر تي نظر رکي پئي ان سان گڏ هن ڳوٺ جو ماڻھو يا ڪوبه قاتل بابت معلومات يا نشاندهي ڪندو يا جانچ ۾ پوليس جي مدد ڪندو ته ان لاء ڏھ لک روپيا انعام پڻ رکيو آھي ،
# جڏنهن ته هن ڳوٺ ۾ جيڪي به ماڻھو آھن انهن تي به اسانجي نظر آھي ته واقعي واري ڏينهن انهن جي ڇا چرپر هئي ، ايس ايس پي چيو ته اسان ڪيس تي مختلف طريقن سان ڪم ڪيون پيا ۽ تمام جلد قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين ...........

0 Comments
Post a Comment