سنجهورو ديا ڀيل قتل ڪيس کي هفتو گذرڻ باوجود قاتلن جو پتو نه پيو، سنجهو پوليس ديا ڀيل جي پٽ سومر چند جي گهران رت لڳل شڪي ترپال هٿ ڪري ورتو، ان ڏس ۾ ديا ڀيل جي قتل بعد تعزيتون وصول ڪرڻ لاءِ تڏو سندس پٽ سومر چند جي گهر وڇايو ويو آهي، جڏهن ته تڏي تي ايندڙن مختلف ماڻھن اها ڳالھه نوٽ ڪئي ته ڇپري مٿان ڇانوءَ ڪرڻ لاءِ رکيل ترپال مٿان مکين جو وڏو تعداد ويهي پيو، تڏي تي بار بار ايندڙ ڪنهن ماڻھو پوليس کي اطلاع ڪيو ته ان ترپال جي جاچ ڪئي وڃي، ايتريون مکيون ڇو ٿيون ويهن؟ جنهن بعد پوليس اتي ويٺل ماڻھن مان سومر چند کانسواءِ ٻين سڀني ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ ترپال کي لاهي چيڪ ڪيو ته ان مٿان مختلف جڳهن تي رت جا ڌٻا موجود هئا ۽ ترپال جي حالت مان اها ڳالھه به نوٽ ڪئي وئي ته ڄڻ رت سان ڀريل ترپال کي ڌوتو ويو هجي، ديا جي خانداني ذريعن موجب ته پوليس سومر چند جو ويڊيو به ريڪارڊ ڪيو، جنهن ۾ پوليس کائنس ترپال تي لڳل رت جي نشانن بابت پڇي پئي ته هي ڇا جا نشان آھن؟ جنهن تي هو بار بار چوي پيو ته اهي رت جا ڌٻا آھن، ذريعن اهو به ٻڌايو ته پوليس جڏهن سومر چند کان پڇا ڪئي ته هي ترپال تو ڪٿان آندو؟ ته هن پهريان ٻڌايو ته هن کي ترپال چوڌري ڏنو آھي، ان موقعي تي سندس هڪ مائٽ فوري مداخلت ڪندي چيو ته اهو ترپال هو ديا ڀيل جي گرفتار ڀاءُ ڏيراج جي گهران کڻي آيو آھي، پوليس ترپال کي تحويل ۾ وٺي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ سانگهڙ موڪلي ڇڏيو، رت جي نشانن واري ترپال بابت پوليس جو موقف آھي ته ترپال بابت في الحال ڪجھه نٿو چئي سگهجي يا ان جي ثبوت طور تصديق نٿي ڪري سگهجي، جيستائين ڊي اين اي رپورٽ ۾ ديا ڀيل جي رت جا جزا نٿا ملن.