#لالو_ڪڇي جي قتل ڪيس جي ايف آء آر داخل ٿي چڪي آھي مسلسل 24 ڪلاڪن تائين ٿاڻي اڳيان احتجاجي ڌرڻو جاري رھيو
اسان بلاول ھائوس ترجمان ايم پي اي سريندر ولاسائي صاحب جا ٿورائتو آھيون جيڪي ڪلھ کان مسلسل رابطي ۾ رھي ھر طرح سان سھڪار ڪري ڪيس داخل ڪرائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو اسان ساٿ ڏيندڙ سمورن دوستن ساٿين چاھيندڙن جا انتھائي گھڻا شڪرگذار آھيون جن ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري يا سوشل ميڊيا ذريعي آواز اٿاريو
اسان ايس ايس پي عمرڪوٽ اعجاز احمد شيخ صاحب ڊي ايس پي سجاڻ سنگھ صاحب سي آء اي انچارج ضلع عمرڪوٽ ڊي ايس پي الطاف شاھ صاحب ڊي ايس پي ڪنري غلامصطفي ڪاڇيلو صاحب سميت ٻين اعليٰ عملدارن جا شڪر گذار آھيون جيڪي ڌرڻي واري ھنڌ پھچي اسان جا مطالبا مڃندي مڪمل سھڪار ڪري ڪيس داخل ڪيو