ديا ڀيل ۽ سندس مڙس جا ڀوپن سان رابطا هجڻ جو انڪشاف، بيان قلمبند، جاچ جاري
سنجهورو
پوليس ديا ڀيل جي قاتلن تائين پهچڻ ۾ ناڪام، ڳوٺ ۾ ڪيمپ قائم، 6 هين ڏينهن به ڳوٺاڻن ۽ ديا جي خاندان جي ماڻهن جا بيان قلمبند، ان ڏس ۾ سنجهورو پوليس ۽ جي آءِ ٽي ٽيم ڊپٽي ڳوٺ کي جاچ جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي، پوليس پاران علائقي ۾ باضابطا ڪيمپ آفيس قائم ڪري ڇڏي آهي، پوليس موجب ته اهو تمام گهڻو ضروري آھي ته سرزمين تي رهي ڪيس جي جاچ ڪريون، مشڪوڪ ماڻهن تي نظر آهي، جڏهن ته 6 هين ڏينهن به جاچ آفيسر ديا ڀيل جي ويڙھي ۾ موجود ماڻھن ۽ ڳوٺ وارن کان بيان وٺندا رهيا، ان حوالي سان جاچ آفيسر ايس ايچ او غلام شبير دلواڻي ٻڌايو ته ڪيس جي مختلف پاسن تي غور ڪيون ٿا، سان جي جاچ جو نئون مرحلو جيئو فينسنگ رپورٽ ۽ ڊي اين اي رزلٽ جي سيمپل اچڻ بعد شروع ٿيندو، ٻي طرف ديا ڀيل جي قتل ڪيس حوالي سان خانداني ذريعن جا نوان انڪشاف سامهون آيا آھن، ذريعن موجب ته ديا ڀيل ۽ سندس ور تلوڪو چند ٻئي ڄڻا ڪارو جادو ڪندڙ ڀوپن جي چڪر ۾ هئا، سال اڳ ۾ فوت ٿيل ديا ڀيل جو ور تلوڪو مقامي زميندار جي واڙي ڀرسان رهائش پذير ڌرمون ڀوپي سان لاڳيتو لھه وچڙ ۾ هو ۽ هن ڀوپي کي 10هزار پڻ ڏنا هئا ۽ مختلف موقعن تي کيس ڪڏهن ٻڪر، ته ڪڏهن گهيٽو ڏن طور ڏيندو هو، جنهن بعد سندس ويجهي مائٽ ڀوپي ذريعي سندس واسطو ٻئي هڪ ڀوپي سان پڻ ٿيو، جنهن بعد هو ٽنهي ڀوپن کان لاڳيتو بليڪ ميل ٿيندو رهيو، بواسير جي بيماري سبب جڏهن تلوڪو جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي ته کيس نوابشاھ داخل ڪيو ويو، جتي 2 ڏينهن بعد ڊاڪٽر کيس لاعلاج قرار ڏئي واپس کڻي وڃڻ لاءِ چيو، پنهنجي آخري وقت ۾ تلوڪو چند پنهنجي ڀائرن کي ٻڌايو ته سندس موت ۾ اهي ٽيئي ڀوپا ملوث آھن، جن کيس ڪارو جادو ڪري هن منزل تي پڄايو آھي، سندن خاندان ۾ اها ڳالھه به مشھور آھي ته تلوڪي ۽ سندس وني ديا ڀيل تي غيبات جو اثر آھي، تلوڪو چند ڀيل جي لاڏاڻي کانپوءِ به ديا ڀيل وٽ ڀوپن جو اچڻ وڃڻ هو، ديا ڀيل جو پٽ سومر چند ۽ ننهن ڦول متي به کائنس الڳ رهندا هئا، پهول متي موجب ته سندس سس مٿان غائبات جو اثر آھي، جڏهن ته ديا ڀيل جو پٽ سومر چند به ڀوپن جي اچڻ وڃڻ تي پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي مار به ڏني هئي، پيءُ جي لاڏاڻي بعد هو پنهنجي ماءُ ديا ڀيل جي ڪنهن به قسم جي مدد نه ڪندو هو، خانداني ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته ديا ڀيل پنهنجي حياتي جي آخري ڏينهن ۾ 2 ڏينهن کان بک تي هئي، سندس ڳورهاري ڌيءُ جيان به اٽو ختم ٿيڻ تي پنهنجي پاڙي وارن کان اٽو وٺي آئي هئي، پر ڀاءُ ڪنهن به قسم جي مدد نه ڪئي .
0 Comments
Post a Comment