ڇهون ڏينهن به گذري ويو سنجهوري پوليس ڌيا ڀيل جي قاتلن تائين پهچڻ ۾ ناڪام ، جانچ ۾ اڳڀرائي ۽ مشڪوڪ ماڻھن تي نظر رکڻ لاء پوليس ڊپٽي ڳوٺ ۾ ڪيمپ قائم ڪري ڇڏي ، جانچ آفيسر ڇهين ڏينهن به ڌيا ڀيل جي خاندان ۽ ڳوٺ وارن کان بيان وٺندا رهيا ، سنجهورو پوليس ڌيا قتل ڪيس کي حل ڪرڻ لاء سڀ اميدون جيئو فينسنگ ۽ ڊي اين اي رپورٽ تي لڳائي ڇڏيون ،
# سنجهورو پوليس ۽ جي آئي ٽي ٽيم ڊپٽي ڳوٺ کي تفتيش ۽ جانچ جو مرڪز بڻائي ڇڏيو ۽ باضابطا ڪيمپ آفيس قائم ڪري ڇڏي ، سنجهورو پوليس مطابق اهو تمام گهڻو ضروري ٿي پيو آھي ته سرزمين تي رهي ڪيس جي جانچ ڪجي ۽ مشڪوڪ ماڻھن جي سرگرمي تي نظر رکي سگهجي ،جو ڪو سراغ نه ملي سگهيو ،


# 6 هين ڏينهن به جانچ آفيسر سمورو ڏينهن ڌيا ڀيل جي ويڙھي ۾ موجود ماڻھن ۽ ڳوٺ وارن کان بيان وٺندا رهيا ته جيئن قاتلن تائين رسائي لاء ڪا ڪڙي ملي سگهي مگر سموري ڏينهن جي وٺ پڪڙ باوجود قاتلن 







# ٻئي طرف جانچ آفيسر ايس ايڇ او غلام شبير دلواڻي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سموري ڏينهن جي محنت کانپوء هر روز رات جو 10 وڳي کان رات جو 3 وڳي تائين لڳاتار ڪيس جي مختلف پاسن تي غور ڪيون ٿا ۽ سموري ڏينهن جي معلومات ۽ ورتل بيانن کي بحث هيٺ آڻيون ٿا ،


# هن چيو ته اسانجي جانچ جو نئون مرحلو جيئو فينسنگ رپورٽ ۽ ڊي اين اي رزلٽ جي سيمپل اچڻ کانپوء شروع ٿيندو ، جانچ آفيسر چيو ته اسانکي ڪيس حل ڪرڻ جي حوالي سان انهن ٻنهي رپورٽن ۾ تمام گهڻيون اميدون آ

<iframe data-aa='2145141' src='//ad.a-ads.com/2145141?size=728x90' style='width:728px; height:90px; border:0px; padding:0; overflow:hidden; background-color: transparent;'></iframe>

x