ڌيا ڀيل جنهن تي قاتل ديا نه ڪئ غاري


سنجهوري ويجهو ڊپٽي ڳوٺ ۾ 44 ورهين ۽ 5 ٻارن جي ماء ڌيا ڀيل کي جهڙي طرح بيرحماڻي طريقي ۽ بيدردي سان قتل ڪيو ويو آھي جو انسان جا لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن ته ڪو انسان ايترو ظالم ۽ سفاڪ به ٿي سگهي ٿو جو هو هڪ عورت کي قتل ڪرڻ بعد سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪري منهن جي کل روڙي ۽ چمڙي سوڌو وار ڪتري سگهي ٿو ؟؟ پر بربريت صرف اتي ختم نٿي ٿئي بلڪه ان وحشي قاتل ان اڌڙوٽ عورت جون ڇاتيون به ڪوريون آھن ۽ ٻانهن جي کل پڻ لاٿي آھي جنهن سان انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪي ويو آھي ، 

 پنهنجي 4 نياڻين ۽ اڪيلي پٽ سان ڊپٽي ڳوٺ ۾ رهندڙ ڌيا ڀيل جو مڙس هڪ سال اڳ وفات ڪري ويو آھي سندس 3 نياڻيون ۽ پٽ شادي شده آھي جڏنهن ته سندس هڪ 13 سالن جي نياڻي مينا جنهن کي هن 27 ڊسمبر تي ڏينهن جو هڪ وڳي آخري ڀيرو گاھ جي ڀري ڏيئي گهر موڪليو ته هوء ڪمند جي ڇلي مان ٻي ڀري کڻي گهر موٽي ٿي پر هوء نه موٽي ! موٽيو ته سندس لڱ ڪانڊاريندڙ لاش جنهن سنڌ سميت عالمي ميڊيا کي ڇرڪائي ڇڏيو آھي ، ٻه ٽي ڍور پالي پنهنجو گذر ڪندڙ هن اڌڙوٽ عورت جي ڪنهن سان اهڙي ڪهڙي دشمني ٿي سگهي ٿي جنهن جي ڪري کيس ايتري بيدردي سان ڪٺو ويو آھي ؟؟؟

ڌيا ڀيل جي قتل جتي هر ماڻھو جي ذھن ۽ ضمير کي جهنجهوڙيو آھي اتي سندس قاتلن تائين پهچڻ واري تفتيش ۽ جانچ وارو طريقه ڪار منجهيل سٽ وانگر هرروز وڌيڪ منجهندو ۽ الجهندو وڃي ٿو ، ڌيا ڀيل جي قتل کي 72 ڪلاڪ گذري چڪا آھن پر اڃا تائين سنجهورو پوليس اهو ئي طئه ناهي ڪري سگهي ته سندس قتل جي جڳھ اها ئي آھي جتان سندس لاش مليو آھي يا اڃا اها ٻي جڳھ آھي جتي کيس قتل ڪري ۽ بعد ۾ سرنهن جي فصل ۾ سندس لاش آڻي ڦٽو ڪيو ويو آھي ڇاڪاڻ ته جنهن سرنهن جي فصل واري زمين تي سندس لاش مليو آھي اتي رت تمام گهٽ مقدار ۾ مليو آھي جهڙي طريقي سان ڌيا ڀيل کي وحشياڻي نموني ذبح ڪيو ويو آھي ۽ سندس جسم تان کل لاٿي وئي آھي اتي رت جو مقدار گھڻو هجڻ گهرجي ۽ سندس رت جا ڇنڊا پاسي ۾ بيٺل سرنهن جي فصل جي ٻوٽن ۽ گلن ۽ ان جي مکڙين تي هجڻ گهرجن پر لاش ملڻ واري جڳھ تي اهڙا ڪي به نشان نه آھن ، ڌيا ڀيل قتل ڪيس جي جانچ جي سلسلي ۾ جڏنهن ڊي آئي جي شھيد بينظير آباد سرزمين جو دورو ڪيو تڏنهن هن به اها ئي نشاندهي ڪئي ته جاء واردات اڃا به ٻي آھي هتي صرف لاش کي ڦٽو ڪيو ويو آھي جنهن بعد ايس ايس پي سانگهڙ لاڳيتو 5 ڪلاڪن تائين ڀر واري سرنهن جي فصل ۽ ڪمند ۾ جاء واردات جي ڳولا ڪئي پر کيس ڪا به ڪاميابي نه ملي ، ڌيا ڀيل کي قتل ڪرڻ پويان ڪهڙو مقصد ٿي سگهي ٿو سنجهورو پوليس هيل تائين صرف ٻن پاسن کان غور ڪيو آھي هڪڙو پاسو ڪارو جادو يا ڪارو علم ڪرڻ وارن ڀوپن جو آھي جنهن ۾ ٿي سگهي ٿو ته ڀوپن جي ڪنهن ٽولي يا واحد فرد ڪاري علم جي بلي يا قرباني لاء ڌيا ڀيل جون ڇاتيون ڪوريون هجن ۽ سندس وار روڙيا هجن ان لاء سنجهورو پوليس علائقي ۽ پسگردائي جي ڀوپن کي پڻ گرفتار ڪيو آھي پر کانئن آڏي پڇا ڳاڇا بعد به ڪو خاص ڪڙي نه ملي آھي جنهن سان قاتلن تائين رسائي ٿي سگهي ، جانچ جو ٻيو پاسو سندس خاندان ۽ ويڙھي ڏانهن وڃي ٿو جنهن بابت سنجهورو پوليس گذريل ڏينهن کان تمام گهڻو زور ڏيئي رهي آھي ۽ ان سلسلي ۾ ڌيا ڀيل جي پٽ سومر چند ، ان جي نينگري مينا سندس ڀيڻ دافو ، ڀاء ڏيراج سندس پٽن ڪرشن ۽ ساجن ڀيڻايي وزير ڀيل ڏير شنڪر ۽ ڀاڻيجي راجا کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي تي تفتيش ڪئي وئي آھي پر اڃا تائين سندن پڇا ڳاڇا جو ڪو به نتيجو نه نڪتو آھي ، 

ڌيا ڀيل جي خاندان جا فرد توڙي مائٽ واقعي بابت ڳالهائيندي بلڪل لاتعلقي ڏيکارين ٿا ، خاص طور تي عورتون ميڊيا سان ڳالهائڻ وقت انتهائي محتاط ، ڊنل ۽ هراسيل نظر اچن ٿيون سموري خاندان وٽ هڪڙو ئي بيانيو آھي ته ڌيا ڀيل ۽ سندس نينگري مينا ڳوٺ کان سڏ پنڌ تي ڪمند جي هلندڙ ڇلي مان گاھ جون ڀريون کڻڻ ويون جنهن مان مينا هڪ ڀري کڻي آئي جڏنهن ته ڌيا ڀيل ٻي ڀري کڻڻ وئي ته وچ ۾ ڪٿي قاتلن هٿان کنڀجي وئي هوء واپس ڪمند واري ڇلي واري هنڌ تي نه پهتي ، ڪمند جي ڇلي واري رستي ۾ نوابشاھ ميرپورخاص ريلوي لائين جي پراڻي پٽڙي آھي ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ اولھ ۾ ڪجھ ايڪڙ ڪمند جو فصل آ ۽ اوڀر ۾ سرنهن جو لاڳيتو فصل آ ڪجھ فاصلي تي ئي ڪمند جي ڇلي وارو علائقو آھي ۽ ڳوٺ به سڏ پنڌ تي نظر اچي ٿو ان ڪري اهو واقعو ايترو ته منجهيل آھي ته ٻاهريون قاتل ڪهڙي طرح ايتري چالاڪي سان اها لڱ ڪانڊاريندڙ واردات ڪري سگهي ٿو ، ڌيا ڀيل قتل ڪيس جي جي آئي ٽي توڙي ايس ايس پي سانگهڙ جي جانچ ۽ تفتيش جو فوڪس ڌيا ڀيل جي فيملي ڏانهن آھي جنهن لاء هوء سندن ئي ويڙھي مان مختلف مرد ۽ عورتون گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا ڪن پيا بظاهر ڌيا ڀيل جي فيملي جي ڪنهن به ويجهي فرد ۽ وارث سان ڳالهائجي ٿو ته سندن فوري جواب هجي ٿو ته ڌيا ڀيل جو خاندان جي ڪنهن به فرد يا ڀاتي سان ڪو به جهيڙو يا اختلاف نه هو ۽ نه ئي سندن مائٽاڻي ويڙھي ۾ ڪو تڪرار پر سندن چھرا ۽ ڳالھ ٻولھ جو انداز تمام گهڻو مشڪوڪ آھي پر حتمي طور تي سنجهورو پوليس ئي جانچ مان پڌرو ڪري سگهي ٿي ته آيا سندن خاندان جا فرد هن بيرحماڻي قتل ۾ ملوث آھن يا نه ؟؟؟ 

سنجهورو پوليس وٽ شروعاتي جانچ ۾ صرف پوسٽمارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر جي فوري رپورٽ ته ڌيا ڀيل جو ڳلو ۽ سندس کل ڪنهن تيز ڌار آلي يا اوزار سان وڍيل آھي ۽ ٻيو کوجي ڪتن ذريعي سرزمين تان کنيل پيرا آھن جيڪي ڌيا ڀيل جي اڪيلي ڀاء ڏيراج جي گهر وڃڻ کانسواء ٻيو ڪو به ٺوس ثبوت ناهي ، سنجهورو پوليس هيل تائين ڪيل جانچ ۾ سرزمين جي جيئو فينسنگ به ڪرائي جنهن ۾ قتل جي وقت علائقي ۾ ماڻھن جي موجودگي جو اندازو ٿي سگهندو ان کان علاوه شڪ ۾ گرفتار مائٽن جا ڊي اين اي ورتا آھن ۽ پوليس جو سموري ڳوٺ جي ماڻھن جا ڊي اين اي وٺڻ جا  پڻ ارادا آھن .

ڌيا ڀيل قتل ڪيس هن وقت هاء پروفائيل مرڊر ڪيس آھي جنهن سموري ملڪ سميت عالمي سطح تي خبرن جي زينت بڻيل آھي ۽ ڏينهون ڏينهن ان ۾ اڀار ايندو پيو وڃي ۽ جيستائين قاتلن جي گرفتاري نٿي ٿئي تيستائين ان اڀار ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿيندو ، ڌيا ڀيل بيرحماڻو قتل ڪيس ان ڪري به حل ٿيڻ ضروري آھي ته جيئن انسانذات جي تذليل ڪندڙ هن بيگناھ ۽ بربريت واري واقعي ۾ ملوث قاتلن کي سزا ڏيئي سگهجي .