سنڌ کي اھڙا ڏينهن به ڏسڻا پيا


اٽي جي ھڪ ٿيلھي لاء گھراڻي گھر جون عزتون ننگون قطارون ٺاھي پئسا ھٿ ۾ کڻي ڀٽڪڻ تي مجبور آھن ساڳيو اٽو 2000 ھزار ۾ ھڪ مڻ ملندو ھو ھاڻي ٻن ھزارن ۾ 10 ڪلو ملڻ لڳو آھي سنڌ ۾ اڳ ئي ماڻهو بک بدحالي بيروزگاري سبب سخت پريشان آھن ھڪ ويلي ماني کائڻ به مشڪل بڻيل آھي ھن وقت سنڌ حڪومت کي گھرجي ته ڪڻڪ جا گودام کولي عوام کي ڪڻڪ 2 ھزار مڻ ڏني وڃي جيئن ماڻهو بک سبب خودڪشيون ڪري مرڻ کان بچي سگھن