پوليس ڌيا ڀيل جي سموري ويڙھي جا ڊي اين  ٽيس وٺي ڇڏيا ، وڌيڪ ٻه ڄڻا گرفتار

8 ڏينهن گذري ويا ڌيا ڀيل قتل ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي، ڊي آءِ جي جي ايس ايس آفيس سانگهڙ ۾ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم سان 3 ڪلاڪ ميٽنگ ، ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيڻ کانسواءِ روانو ، پوليس ڌيا ڀيل جي سموري ويڙھي جا ڊي اين اي ٽيسٽ وٺي ڇڏيا ، وڌيڪ ٻه ڄڻا گرفتار ،
ڊي آئي جي شھيد بينظير آباد محمد يونس چانڊيو ڌيا ڀيل قتل ڪيس جي جانچ جي حوالي سان ڊپٽي ڳوٺ پهتو ۽ پوليس ڪيمپ جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو بعد ۾ ڊي آئي جي ايس ايس پي آفيس سانگهڙ ۾ ايس ايس پي سانگهڙ ۽ جي آئي ٽي ٽيم سان لاڳيتو 3 ڪلاڪ ميٽنگ ڪئي جنهن ۾ ايس ايس پي بشير احمد بروهي ۽ جي آئي ٽي ٽيم جي ڌيا ڀيل ڪيس ۾ هيل تائين ٿيل جانچ ۽ اڳڀرائي بابت ڊي آئي جي کي بريفنگ ڏني، ميٽنگ جي پڄاڻي تي ڊي آئي جي محمد يونس چانڊيو صحافين سان سڌي منهن ڳالهائڻ ۽ ڪيس ۾ اڳڀرائي بابت صحافين جي پڇيل سوالن جا جواب ڏيئڻ بجاء گاڏي ۾ چڙھي روانو ٿي ويو ،


# ٻئي طرف سنجهورو پوليس ڌيا ڀيل جي سموري خاندان ۽ ويڙھي ۾ موجود مائٽن جا ڊي اين اي ٽيسٽ مڪمل ڪري ورتا آھن جڏنهن ته ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب پوليس ڌيا ڀيل جي وڌيڪ ٻن مائٽن هيري ۽ ڪوتريو ڀيل کي گرفتار ڪري ورتو آھي ،
# واضح رهي ته ڌيا ڀيل جي بيرحماڻي قتل واري واقعي کي 8 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس اڃا تائين جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي.