لالو ڪڇي جي امڙ معصوم نياڻيون ۽ گھرواري انصاف جا منتظر آھن نبي سرروڊ پوليس قاتلن جي ساٿاري بڻيل آھي
آء جي سنڌ ڊي آء جي ميرپورخاص ايس ايس پي عمرڪوٽ ۽ ٻيا وس وارا ادارا ڪجهه خدا جو خوف ڪيو ڇو نٿا غريبن سان انصاف ڪيو نبي سرروڊ ٿاڻي جي ايس ايڇ او خوشبخت اعواڻ ھڪ عورت ھوندي به عورت جو درد نٿي سمجھي شروع کان وٺي قاتلن جي ساٿاري بڻيل آھي گرفتار ڪيل قاتل عبيداللھ کوسو کي ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ بجاء ٿاڻي تان آزاد ڪري ڇڏيو آھي
پر ڪوبه نوٽيس وٺڻ وارو ڪونھي ڪوبه انصاف ڪرڻ وارو ڪونھي سنڌي ھندوئن سان ٿيندڙ ظلم ۾ سنڌ پوليس به ڀاڱي ڀائيوار آھي جيڪا انصاف ڪرڻ بجاء ھميشا ظالمن جو ساٿ ڏيندي رھي ٿي
جيڪڏهن نبي سرروڊ پوليس قاتل پوليس اھلڪار عبيداللھ کوسو کي اڄ ڪورٽ ۾ پيش نه ڪيو ته اسان آمريڪن چوڪ ڪنري اڳيان احتجاجي ڌرڻو ھڻي ويھي رھنداسين جيسيـن تائين قاتل گرفتار ڪري قاتلن جي ساٿاري بڻيل ايس ايڇ او نبي سرروڊ روڊ خوشبخت اعوان کي ھٽايو نه ويندو اوستائين احتجاج جاري رھندو پوء ان جا نتيجا ڪھڙا به نڪرن ھاڻ پوئتي نه ھٽنداسين

0 Comments
Post a Comment