ديا ڀيل ڪيس: جيو فينسنگ رپورٽ اچي وئي، اهم گرفتاري، اڄ وڏي اڳڀرائي جي دعويٰ

سنجهورو ديا ڀيل قتل ڪيس ۾ 10 ڏينهن بعد پوليس طرفان وڏي اڳڀرائي جي دعويٰ، پوليس جو چوڻ آهي ته اڄ معاملو بلڪل صاف ٿي ويندو، پوليس ذريعن دعويٰ ڪئي آھي ته ديا ڀيل قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ پوليس آفيسرن کي ڪيس حل ڪرڻ جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آھي، اڄ تائين معاملو صاف ٿي ويندو، پوليس ذريعن موجب ديا ڀيل جي خاندان ۽ ويڙھي جي 41 مردن ۽ نينگرن جا ڊي اين اي سيمپلز ورتا هئا، جڏهن ته جيئو فينسنگ جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ شڪي نمبرن جي ڇنڊڇاڻ ڪري ڪجھه گرفتاريون ڪيون هيون جنهن ۾ نئون آباد کان رتني ڀيل جي گرفتاري به شامل آھي، ذريعن موجب ديا جي هاءِ پروفائيل ڪيس ۾ گذريل 9 ڏينهن ۾ پوليس ڪنهن به نتيجي تي نه پهچي سگهي هئي ۽ سندن جاچ جو سمورو دائرو رڳو ديا جو خاندان ۽ ويڙهو هو، جنهن ڪري پوليس مڪمل طور تي جيئو فينسنگ جي رپورٽ ۽ ڊي اين اي سيمپلز جي رزلٽ تي ڀاڙي رهي هئي، ذريعن موجب ڪيس حل ڪرڻ جي حوالي سان تمام وڏي اڳڀرائي ٿي آھي جنهن کي وڏي خوشخبري جو نالو ڏنو پيو وڃي .