# 60 ڪلاڪ گذرڻ باوجود بيدردي سان قتل ڪيل ڌيا ڀيل جي قاتلن جو پتو پئجي نه سگهيو ، ڊي آئي جي شھيد بينظير آباد جي دوري ۽ ايس ايس پي سانگهڙ جي اڳواڻي ۾ پهتل ٽيم تمام گهڻي تفتيش ۽ ڳولا باوجود قاتلن جي نشاندهي ڪرڻ ۾ ناڪام ، ڪنهن به قسم جو ٺوس ثبوت هٿ نه اچي سگهيو ،

# سنجهورو پوليس جي ڪالھ رات دير سان ڌيا ڀيل جي اڪيلي پٽ ۽ ڀاء سميت خاندان جي 7 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي تفتيش ۽ پڇا ڳاڇا جاري آھي پر اڃا تائين ڪنهن به حتمي نتيجي تي پهچي ناهي سگهي ،
# جانچ ٽيم جي اڳواڻي ڪندڙ سب انسپيڪٽر #غلام_شبير_دلواڻي ۽ ايس ايڇ او سنجهورو #محمد_جمن_کوسو مطابق هيل تائين ٿيل جانچ ۾ اسان ان نتيجي تي پهتا آھيون ته ڌيا ڀيل جي قتل جا پيرا سندس ئي خاندان ۽ ويڙھي ۾ وڃن ٿا ،
# سنجهورو پوليس ڌيا ڀيل جي بي رحماڻي قتل جي نوعيت کي ڪاري جادو ڪرڻ وارن ڀوپن جي مبينا ڪارروائي طور تي به جانچڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ۽ ان لاء ڪجھ ڀوپن ۽ حجامن کي به گرفتار ڪيو پر اڃا تائين اهڙي ڪابه ڪڙي جوڙي نه سگهي آھي جنهن سان قاتلن جي نشاندهي ٿئي ،
# سنجهورو پوليس ڌيا ڀيل جي 14 ورهين جي نينگري مينا ڀيل جنهن کي هن آخري ڀيرو گاھ جي ڀري ڏني هئي کائنس به ٿاڻي تي انڪوائري ۽ پڇا ڳاڇا ڪئي بعد ۾ کيس آزاد ڪري ڇڏيو ،
# ڪالھ صبح جو ڊي آئي جي شھيد بينظير آباد يونس چانڊيي جي ڊپٽي ڳوٺ آمد ۽ لاش هٿ اچڻ واري هنڌ جي دوري بعد ايس ايس پي سانگهڙ بشير احمد بروهي لاڳيتو 5 ڪلاڪن تائين لاش هٿ اچڻ واري هنڌ جي ڀروارن ڪمند ۽ سرنهن جي فصلن ۾ جاء واردات ۽ ٺوس ثبوت جي ڳولا ڪندا رهيا پر کين ڪابه خاطرخواه ڪاميابي نه ملي سگهي،
# جنهن بعد پوليس پنهنجي تفتيش ۽ جانچ جو دائرو ڌيا ڀيل جي خاندان ۽ ڳوٺ وارن تائين محدود ڪري ڇڏيو آھي ..........